265

راولپنڊي ۾ دستي بم ڌماڪو، 25 ڄڻا زخمي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سرچ آپريشن شروع

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ دستي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾  25 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ڌماڪي کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ  ادارن پاران سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق راولپنڊي جي علائقي ٿاڻي گنج منڊي ويجهو اڻڄاتل جوابدار دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا، جنهن جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ امدادي رضاڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ عوام لاءِ رستا بند ڪري ڇڏيا.  ان دوران دستي بم ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو