208

ڌاري آبادڪاري، سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي

ليکڪ: طفيل مگسي

سنڌ جيڪا ھر دور ۾ خاص طور تي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ مسلسل ھٿ ٺوڪين مسئلن جي ور چڙھندي رھي آھي، ڪڏھن ھن جي سرسبزي ۽ شادابي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ھن ڌرتي جي رھواسين کي اڃو ۽ بکيو مارڻ جي لاءِ ڪالاباغ ڊيم جھڙي موتمار منصوبي کي ھٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي آھي ته ڪڏھن سنڌ جي عوام کي پنھنجن وڏن شھرن مان بيدخل ڪرڻ لاءِ لساني گروپن کي ھٿي ڏيڻ جي ڪوشش،  ڪندي سنڌ جي اندر نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو آھي، ته ڪڏھن اين ايف سي جي اندر مسلسل ڪٽوتي ڪندي سنڌ  کي ان جي اصلي حق کان محروم رکڻ جي سازش ڪئي وئي آھي ۽ ڪڏھن وري سنڌ جي آدم شماري کي ڄاڻي واڻي گھٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، انھن سمورين سازشن ۾ناڪامين جو منھن ڏسڻ کانپوءِ وري سنڌ جي اندر رھندڙ لکين برمين، بنگالين افغاني پٺاڻن کي مستقل طور سنڌ جي اند ر آباد ڪرڻ جي لاءِ سندن ڀرپور همت افزائي ڪئي پئي وڃي،نه صرف ايترو پرکين سنڌ جا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي شازش عروج تي رسي چڪي آھي، ۽ ان ڪم جي لاءِ نادرا  کي خصوصي ٽاسڪ ڏنو ويو آھي، جيڪا ڳالهه سنڌ جي حقيقي وارثن جي لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي وئي آھي، ته نيٺ سنڌ ۽ ان  جي گادي واري ھنڌ تي ڇو ڌارين کي قابض بڻايو پيو وڃي.؟ ون يونٽ جي اوٽ وٺي ان وقت جي نام نھاد صدر ايوب خان سنڌ جي اندر پٺاڻن جي لوڌ کي سنڌ مٿان مڙھي سنڌين جي مالڪي وارن حقن تي ڌاڙو ھنيو ۽ وقت به وقت حڪمران ڌارين جي لوڌ کي سنڌ مٿان مڙھيندا رھن ٿا، شايد ان ڪري ته اھي سنڌ کي پنھنجي پر ۾ ملڪ جو يتيم خانو سمجھيوويٺاآھن، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ  ھتان جي اصل وارث ھندن کي بيدخل ڪيو ويو جيتوڻيڪ انگريزن سان ڪيل ٺاهن ۾ ڪٿي به لڏ پلاڻ جو ذڪر نه هو، پر ان وقت سنڌ جي ماڻھن پنھنجي صوفياڻي سوچ تي عمل ڪندي ٻاهران آيلن جو نه صرف آڌرڀاءُ ڪيو پر انھن کي پنھنجا اجھا رھڻ لاءِ  ڏنا ۽ کائڻ پيئڻ جون سموريون سھوليتون به ميسر ڪري ڏنيون،پر انھن جي موٽ ڪھڙي ملي ته انھن سنڌي ھندن جي ڇڏي ويل ملڪيتن تي قبضا ڪيا سنڌ جي شاهھ رڳ واري حيثيت رکندڙ ڪراچي شھر تي اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي ويا ۽ ھاڻي ته اھي سنڌ جي وحدت خلاف وقت به وقت زھر اوڳاڇيندا رهن ٿا، ڪڏھن ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جا اعلان ڪن ٿا، ڪڏھن سنڌي ٻولي کان نفرت جو کليل طور تي اظھار ڪن ٿا ۽ اھڙي عمل ۾ انھن جي پويان اهي دشمن قوتون بيٺل آهن.جن جون سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ سدائين ننڊون ڦٽل آھن، ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ دشمن قوتون سنڌ جي سياسي شعوري قوت کان مسلسل ڊنل آھن، اھي نٿيون چاھين ته سنڌ جي شعوري سگهھ طاقتور رھي، ان ڪري انھن لساني قوت جو ھر دور ۾ ساٿ ڏنو آھي،تازو وري سنڌ ۾ لکن جي انگ ۾ رھندڙ برمين ۽ بنگالين ۽ افغانين کي مستقل سنڌ جي اندر رھائڻ جي  منصوبي جي تحت سنڌ جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،  سنڌ جو خطو جيڪو خدا جي نعمتن سان مالامال آھي، پر انهن تي مقامي ماڻھن کي ڪوبه حق نٿو ڏنو وڃي، سنڌ مان ڪوئلي تي بجلي پيدا ٿئي پئي، پر ان جو سنڌ جي عوام کي ڪوبه فائدو ميسر ناهي ۽ سنڌ جا ماڻھو مسلسل لوڊشيڊنگ جي ور چڙھيل آھن، نه صرف لوڊشيڊنگ پر سنڌ جي بجلي گهرن ۾ مقامي ماڻھو اٽي ۾ لوڻ برابر آھن ۽ جي وري آھن به ته اهي مزدورن واري حيثيت ۾، جڏھن ته آفيسر شاھي غير مقامي ماڻھن تي مشتمل آھي، سنڌ اندر ڪافي مقدار ۾ گئس نڪري ٿي، ان باوجود سنڌي ماڻھو اڄ به ڪاٺيون ۽ ڇيڻا استعمال ڪرڻ تي مجبور آھن. گئس فيلڊ ۾ به اڪثريت ڌارين ماڻھن جي آھي، ان کانسواءِ سنڌ منجهان جهجهي مقدار ۾ پيٽرول نڪري ٿو، پر اتي به مقامي ماڻھن کي پٽيوالي يا چوڪيداري ڏني وڃي ٿي، نه صرف اهو پر ڪجهھ وقت اڳ سنڌ جي ٻيٽن تي پڻ زبردستي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪي سنڌ جي ذاتي ملڪيت آھن، سنڌ جي اندر ڪجهه عرصو اڳ کان جيڪي سرڪاري زمينون آھن.تن جي ليز ختم ڪري اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سنڌ ۾ نئين سر ٻيلا پوکيا ويند، پر لڳي ٿو ته اهي زمينون به ڌارين جي حوالي ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن جيئن بدين، سانگهڙ يا ٺٽي ۾ ڏنيون ويون آھن،  سنڌ دشمن قوتن کي اھا ڳالهھ ذھن نشين ڪرڻ کپي ته اسان سنڌي ماڻھو ھر قسم جو ظلم، ڏاڍ ۽ جبر ته برداشت ڪري سگھون ٿا، جيئن ماضي ۾ ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ قنڌارين جا برداشت ڪندا آياسين، پر کين پنهنجي ڌرتي جو انچ به ڏيڻ برداشت نه ڪيوسين، اهڙي ريت اڄ به سنڌ دشمن ڪيڏيون ئي سازشون ڇو نه ڪن، پر اسان  پنھنجي ڌرتي ۽ ٻولي خلاف ڪنھن به قسم جي سازش برداشت نٿا ڪري سگھون ۽ ڪالاباغ ڊيم توڙي سنڌ اندر ڌارين ماڻھن کي مستقل رھائش ڏئي سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ کي اسان سنڌي پنھنجو اجتماعي موت سمجھون ٿا، جيڪي ڌريون ۽ قوتون انھن ڌارين کي سنڌ ۾ ئي مستقل ڪرڻ جون حامي آھن انھن کي گھرجي  ته اهڙن ماڻهن کي ٻين صوبن ۾ به مستقل ڪن، ڇو ته پاڪستان چئن صوبن جو نالو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اڳ ۾ ئي بي انتها مسئلن جي دلدل ۾ ڦاٿل آھي ۽ وڌيڪ بار کڻڻ جي متحمل نٿي بڻجي سگھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو