130

نذير چوهاڻ کي پنجاب اسيمبلي نه آڻڻ تي پرويز الاهي حڪومت تي ڪاوڙجي پيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) نذير چوهاڻ کي پنجاب اسيمبلي نه آڻڻ تي پرويز الاهي حڪومت تي ڪاوڙجي پيو، اسپيڪر پرويز الاهي جي صدارت ۾ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ باوجود نذير چوهاڻ کي اسيمبلي ۾ نه آڻڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته نذير چوهاڻ کي پيش ڇو نه ڪيو ويو آهي، ڇا هي پارليامينٽ ۾ جهيڙو چاهين ٿا، اسان ميمبرن جي استحقاق جو بل گڏيل طور تي پاس ڪيو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته ميمبرن جو استحقاق مجروح ڪندو ان کي سزا ملندي، پرويز الاهي چيو ته ان بيورو ڪريٽس جي ڪهڙي حيثيت آهي، اسان ته اهو بل ختم نه ٿيڻ ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو