141

پ پ ايم پي اي علي حسن زرداري عيد تڪ واسين ۽ غريب عوام نالي ڪري ڇڏي

ميرپورساڪر (رپورٽ: ايم مظفر شيخ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ گهوڙاٻاري جي صوبائي تڪ پي ايس 78 جي چونڊيل ايم پي اي علي حسن زرداري عيد جي پرمسرت موقعي تي عيد جي تي ضامن هائوس گهوڙاٻاري ۾ تڪ سميت ضلعي ٺٽي جي عوام سان ملاقاتون ڪيون ۽  مسئلا معلوم ڪيا، موقعي تي موجود تمام آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ته فوري طور تي عوام جا مسئلا حل ڪيا وڃن، عوامي شڪايتن تي ايريگيشن کاتي جي عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ فوري هدايت جاري ڪئي ته پوڇڙ وارن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي. ان موقعي تي حاجي علي حسن زرداري ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور ئي عوام جي حقيقي مالڪي ۽ خدمت ڪرڻ آھي. حاجي علي حسن زرداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت جي خاص هدايتن تي تڪ پي ايس 78 گهوڙاٻاري سميت ضلعي ٺٽي ۾ ترقياتي ڪمن جا ڄار وڇايا ويا آھن، جنهن مان ڪيترا هي منصوبا مڪمل ٿي چڪا آھن، علي حسن زرداري چيو ته آئون عوام جو خادم آھيان، عوام جي مسئلن لاءِ اسان جا دروازا هميشه کليل آھن، جنهن کانپوءِ ايم پي اي علي حسن زرداري يوسي گرنار ۾ لاشاري برادري جي معزز سردار مرتضيٰ لاشاري سان تعزيت ڪئي. جنهن کانپوءِ ٻگهاڻ شھر پهچي ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جي جهوني جيالي محمد جمن ڪڙمون جي گهر پهچي ڪري سندس عيادت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا جيالا پارٽي جا اثاثا آھن جن ڏکيئي وقت ۾ جيل ڪاٽيا، ڪوڙا کاڌا پرڪڏھن وفاداري تبديل نه ڪئي. ٻئي پاسي حاجي علي حسن زرداري سمان برادري طرفان رکيل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڳاڙھو، ڪيٽي بندر، ٻھارا شھر جو دورو ڪيو ۽ گهارو شھر ۾ بگهياڙ هائوس تي اڳوڻي تعلقي ميرپورساڪرو جي تعلقي ناظم عبدالغني بگهياڙ پاراڻ ڏنل آجياڻي پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ساڻس پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي جو نائب صدر عبدالحميد پنهور، شاهنواز لوها، شير خان چانڊيو، پنهل خان زرداري، ايم مظفر شيخ ۽ ٻيا پڻ گڏ ھئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو