157

دنيا جي امير ترين طلاق: ملينڊا گيٽس کي شادي ختم ٿيڻ کانپوءِ 100 کهرب روپيا ملندا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس ۽ سندس گهرواري ملينڊا گيٽس 27 ورهين کانپوءِ الگ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هي دنيا جو سب کان مهنگو طلاق هوندو، رپورٽن مطابق هڪ سئو پنجيتاليهه پوئينٽ چار ارب ڊالر (224 کهرب روپيا) جي مالڪ بل گيٽس ۽سندس گهرواري جي وچ اثاثن جي تقسيم جو معاهدو پهرين کان طئي نه هئڻ تي عدالت ٻنهي ۾ مساوي دولت ورهائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، آمريڪي ميڊيا مطابق عدالتي فيصلي تحت ملينڊا گيٽس کي 100 کهرب روپيا ملندا، رپورٽ مطابق دنيا جي 4 نمبر تي امير ترين انسان بل گيٽس جي ملڪيت ۾  آمريڪا جو زرعي زمين جو سب کان وڏو حصو موجود آهي، جڏهن ته 18 مختلف رياستن ۾ ٻه لکهه 42 هزار ايڪڙ زمين آهي ۽ پنج رياستن ۾ گهر، جهاز، ڪارن جو ٻيڙو ۽ آرٽ جو مجموع  موجود آهي، مائيڪرو سافٽ جي باني جي سموري ملڪيت سندس گهرواري ملينڊا گيٽس جي درميان برابر تقسيم ٿيندي، جيڪا 1980 ۾ بل گيٽس سان ملي، هو ان وقت مائيڪرو سافٽ ۾ ملازمت ڪندي هئي، آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ملينڊا ۽ بل جا 3 ٻار آهن ۽ هي ٻئي ملي ڪري بل ۽ ملينڊا گيٽس فائونديشن هلائندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو