117

سنڌ ۾ ڪجهه ڌاڙيل اوهان نه پيا سنڀالي سگهو، پوليس لاش خريد ڪري ڪريڊٽ وٺندي آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران انسپيڪٽر جنرل(آءِ جي) سنڌ پوليس مشتاق مهر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ۽ جسٽس عدنان الڪريم تي ٻڌل ڊويزن بينچ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پيش ٿيو. 2015 ۾ شهيد ٿيندڙ ڊي ايس پي عبدالمجيد عباسي جي گهر ڀاتين کي معاوضو نه ملڻ خلاف درخواست تي عدالت آءِ جي سنڌ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو. عدالتي ڪارروائي دوران انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ مشتاق مهر کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ڇنڊ پٽي. بينچ جي سربراهه جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ مشتاق مهر کي ڏسندي ئي چيو آءِ جي صاحب! اوهان سنڌ ۾ ڪجهه ڌاڙيلن مٿان ڪنٽرول نه پيا ڪري سگهو. ڌاڙن ۽ چورين جون وارداتون وڌي رهيون آهن. صوبي ۾ ماڻهو مري رهيا آهن، پوليس وارا شهيد ٿي رهيا آهن، اوهان 3 سالن کان آءِ جي آهيو، پوليس ڪمانڊر آهيو پر اڃان تائين ڪجهه ناهيو ڪري سگهيا؟، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ وڌيڪ چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ پل تعمير ٿي رهيو آهي ڌاڙيل انهن کان به پئسا گهري رهيا آهن. عدالت چيو ته چيو پئي ويو ته 4 ڌاڙيل ماريا آهن ڌاڙيل پوليس ناهن ماريا، ڌاڙيلن جي هڪ گروپ ٻئي گروپ جا ڌاڙيل ماريا، پوليس وارا لاش خريد ڪندا آهن پوءِ پريس ڪانفرنس ڪري ڪريڊٽ وٺندا آهن. جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ريمارڪس ڏنا ته اندر کان سڀ مليل آهن، هڪ ٻئي کي اسپورٽ ڪندا آهن روزاني چوريون ۽ ڦرون وڌي رهيون آهن. جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ مشتاق مهر جو ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته هي سڀ اوهان کان ڇو ڪنٽرول نه پيو ٿئي سگهي؟ جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ طرفان آءِ جي سنڌ کي ڇنڊ پٽڻ دوران آءِ جي مشتاق مهر هٿ ٻڌي خاموش بيٺل رهيو. جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ مشتاق مهر کان ٻيهر پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي صاحب 3 سالن کان اوهان آءِ جي آهيو پر عدالتي حڪمن تي عمل نه پيو ٿئي جنهن آفيسر کي جواب جمع ڪرائڻ جو چئون ٿا اهو چئي ٿو ته منهنجي هاڻ پوسٽنگ ٿي آهي. جسٽس آفتاب ڳورڙ پڇاڻو ڪيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جي گهر ڀاتين کي معاوضو ڏيڻ جي معاملي تي تضاد ڇو آهي؟ ان تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين جواب ڏنو ته ڪنهن به شهيد پوليس اهلڪار کي معاوضو سنڌ پوليس ناهي ڏنو. ڊي ايس پي عبدالفتح سانگهڙي جي گهر ڀاتين کي معاوضو سنڌ جي وڏي وزير ڏنو.،ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ جو وڏو وزير پنهنجي صوابديد تي هڪ شهيد ڊي ايس پي عبدالفتح سانگهڙي جي گهر ڀاتين کي 2 ڪروڙ روپيه معاوضو ڏنو.ان تي درخواست ڏيندڙ جي وڪيل اعجاز ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته شهيد ٿيندڙ هڪ ڊي ايس پي کي 2 ڪروڙ جڏهن ته ٻئي ڊي ايس پي عبدالمجيد جي گهر ڀاتين کي 20 لک روپيه ڏنا ويا. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل اعتراض اٿاريو ته هڪ شهيد ڊي ايس پي جي گهر ڀاتين کي 2 ڪروڙ ٻئي کي 20 لک روپيه معاوضو ڏيڻ امتيازي سلوڪ آهي. شهيد پوليس اهلڪارن جي گهر ڀاتين کي ڪيترو معاوضو ڏيڻو آهي ان جو ڪوبه قانون ئي موجود ناهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواب ڏنو ته پوليس کي به اهو اختيار ناهي ته ڪنهن شهيد اهلڪار کي ڪيترو معاوضو ڏيڻو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل وڌيڪ چيو ته ڊي ايس پي عبدالمجيد کي معاوضي جي لاءِ پوليس گهرو کاتي ۽ ناڻي کاتي کي 18 جنوري تي خط لکيو آهي جيڪڏهن ڪو قانون موجود ناهي ته پوءِ عدالت پوليس ۽ حڪومت کي ڪيئن حڪم نامو جاري ڪري سگهي ٿي. عدالت سوال اٿاريو ته سنڌ جو وڏو وزير عوام جي پئسي کي پنهنجي مرضي سان ڪيئن ڏئي سگهي ٿو؟ عدالت واضح ڪيو ته سپريم ڪورٽ به واضح ڪري چڪي آهي ته وزيراعظم يا وڏو وزير عوام جو پئسو پنهنجي صوابديدي اختيارن جي تحت استعمال نٿو ڪري سگهي. جنهن کان پوءِ عدالت وڌيڪ ٻڌڻي پهرين مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو