222

ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ رٽائرڊ ماڻهو ڀرتي ڪرڻ سان ادارا تباهه ٿيندا: ڊاڪٽر سڄڻ خان هاليپوٽو ۽ عبدالحميد راڌڻ

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن پاڪستان جي سنڌ جي چيئرمين ڊاڪٽر سڄڻ خان هاليپوٽو ۽ صدر ڊاڪٽر عبدالحميد راڌڻ چيو آهي ته ميڊيڪل يونيورسٽيون تعليم جو ڳڙهه آهن ۽ ان ۾ رٽائرڊ ماڻهن کي ڀرتي ڪري ادارن کي انهن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو پيو وڃي، جيڪو عمل سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ماڻهن کي سرڪاري ادارن ۾ ٻيهر ڀرتي نه ڪرڻ واري حڪم جي لتاڙ آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڊاڪٽر سڄڻ خان هاليپوٽو ۽ ڊاڪٽر عبدالحميد راڌڻ جو چوڻ هو ته ڪورونا وبا دوران ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل عملي پهرين صف ۾ بيهي بيماري سان ويڙهه ڪري عوام جي خدمت ڪئي، جنهنڪري اسان جا ڪيترائي ساٿي هن وبا ۾ وڪوڙجي اسان کان وڇڙي ويا، ڊاڪٽر اشوڪ موهن جو غم اڃا ڀرجي نه سگهيو هو ته هن وبا وگهي  پمز اسپتال جي ايمرجنسيءَ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منظور به لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن تي دلي صدمو پهتو آهي. ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن اڳواڻن ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو ۽ ڊاڪٽر عبدالحميد راڌڻ ڊاڪٽر نجيب رحمان ڪلهوڙو جي امڙ جي لاڏاڻي تي پڻ ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو