185

مٺي ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ 3 ٻارڙن دم ڏنو، هلندڙ مهيني فوت ٿيندڙن جو انگ 6 ٿي ويو

مٺي (ويب ڊيسڪ) سول اسپتال مٺي ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب وڌيڪ 3 ٻارڙن دم ڏنو آهي. صحت کاتي مطابق فوت ٿيندڙ ٻارڙن جي عمر 2 مهينن کان ٽي مهينا آهي، جڏهن ته فوت ٿيندڙ ٻارڙن جو تعلق ٿرپارڪر جي ٻهراڙين سان ٻڌايو پيو وڃي. صحت کاتي مطابق هلندڙ مهيني فوت ٿيندڙ ٻارڙن جو انگ 6 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ٻار اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو