181

نوابشاهه ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ روڊ ڪراس ڪندڙ نينگر چيڀاٽجي فوت

نوابشاهه (بيورو رپورٽ) سڪرنڊ روڊ تي دليل ديرو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار روڊ ڪراس ڪندڙ چار  ورهين جي جي  نينگر وشال ولد شاھد اوڏ کي چيڀاٽي زخمي ڪري ڇڏيو، ڪار ڊرائيور زخمي نينگر کي فوري طور نوابشاهه جي اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن نينگر جي حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نينگر وشال زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو،  لاش ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو