177

واٽس اپ هاڻي بغير انٽرنيٽ جي به استعمال ڪري سگهجي ٿو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) واٽس اپ پنهنجي صارفين لاءِ اهم فيچر لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان ان جي وڏي پريشاني ختم ٿي وئي آهي، واٽس اپ جي سربراهه ول ڪيٿ ڪارٽ پاران ٽوئٽر تي جاري پيغام ۾ چيو ويو آهي ته ملٽي ڊوائز فيچر صارفين لاءِ متعارف ڪرايو آهي جنهن تحت فون کان لاءِ 4 ٻين ڊوائيسز تي به واٽس اپ استعمال ڪري سگهجي ٿو، واٽس اپ جي سربراهه موجب جيڪڏهن صارف جي فون جو انٽرنيٽ ڪنيڪشن ڊس ڪنيڪٽ ٿي وڃي ته به ڊيسڪ ٽاپ تي واٽس اپ جي سهولت موجود هوندي، هاڻي ليپ ٽاپ ۽ ڊيسڪ ٽاپ تي واٽس اپ استعمال ڪرڻ لاءِ فون جي ضرورت نه هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو