165

ڄامشورو ۾ بدامني ۾ واڌ: مدينا نگر ۾ چور دڪان جا تالا ٽوڙي 22 لکن جو سامان چورائي ويا

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان بدامني ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ اچي وئي آهي، چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، جڏهن ته پوليس بدامني کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. گذريل رات دير سان ڄامشوري جي  مدينا نگر ڪالوني ۾ اڻڄاتل چور اويس شاپنگ سينٽر جي دڪان جا تالا ٽوڙي لکين رپين جو سامان چوري ڪري ويا آهن. متاثر دڪاندار اويس صحافين کي ٻڌايو ته اڻڄاتل چور منهنجي دڪان جا تالا ٽوڙي 20 لک رپين جي ماليت جو ڪپڙو ۽ ٻيو قيمتي سامان ۽ دڪان ۾ پيل 2 لک رپيا چوري ڪري ويا آهن. پوليس متاثر دڪاندار جي فرياد تي رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي. واضح رهي ته وڌندڙ بدامني باوجود ڄامشورو پوليس اصل جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران شڪ جي بنياد تي ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪري کين پئسن جي ڏيتي ليتي عيوض آزاد ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو