113

گريٽر اقبال پارڪ واقعو: ٻن جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 23 سيپٽمبر تائين واڌ

لاهور  (ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن عدالت گريٽر اقبال پارڪ ۾ ٽڪ ٽاڪر عائشه اڪرم سان جنسي هراسگي جي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 23 سيپٽمبر تائين واڌ جڏهن ته بن جوابدارن جي عبوري ضمانت عدم پيروي تي خارج ڪري ڇڏي. ايڊيشنل سيشن جج رانا محمد سعيد جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت جوابدارن الياس سليم ۽ عثمان عزيز جي عبوري ضمانت عدم پيروي جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي جڏهن ته ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن شهروز ۽ اختر علي عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ انهن جي عبوري ضمانت ۾ عدالت 23 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو