262

آمريڪي صدارتي چونڊن جا نتيجا پڌرا، ٽرمپ جا اعتراض رد، جوبائيڊن صدر طور ڪامياب قرار

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدارتي چونڊن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن جنهن ۾ جوبائيڊن کي آمريڪا جي صدر طور ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، گذريل مهيني آمريڪا ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ آمريڪا جي اڳوڻي صدر ۽ ريپبلڪ جي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ طرفان نتيجن کي چئلينج ڪرڻ کان پوءِ سندس چئلينج کي آمريڪا جي عدالت 3 ڏينهن اڳ رد ڪيو هو، جنهن کان پوءِ آمريڪا جي اعلي چونڊ اداري اليڪٽوريل ڪاليج آمريڪي صدارتي چونڊن جي نتيجن جو سرڪاري طور تي اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار جوبائيڊن کي آمريڪا جي صدر طور ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جوبائيڊن جي ڪاميابي جو اعلان  آمريڪي اليڪٽوريل ڪاليج جي اٽارني جنرل وليم باري سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽر جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي اعتراضن ۾ ڪي به حقيقي شاهديون ناهن مليون ان ڪري ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار جوبائيڊن کي ڪامياب قرار ڏجي ٿو، جنهن صدارتي اميدوار نامزد ٿيڻ شرط پنهنجي آفيس ج انتظام سنڀالي ورتا آهن. نتيجن جي اعلان کان پوءِ جوبائيڊن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته  ڪوڙ جي هار ۽ سچ جي جيت تي آهي، جنهن سان آمريڪا ۾ جمهوريت جو ڳاٽ اوچو ٿيو آهي. ياد رهي ته آمريڪا ۾ نومبر ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ جوبائيڊن 302 ووٽ حاصل ڪيا هئا جڏهن ته سندس مخالفت ۾ ڊونلڊ ٽرمپ 232 ووٽ حاصل ڪري سگهيو هو. 5

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو