295

دريا خان مري ڀرسان نينگر گهران ڪاوڙجي واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

دريا خان مري (ن سوڀ ) دريا خان مري نصرت واھ ريگيوليٽر وٽ ڳوٺ مٺو راڄپر جي رھواسي نينگر سھيل احمد راڄپر واھ م ٽپو ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، نصرت واھ ۾ ٻڏندڙ نينگر کي موقعي تي موجود ماڻھن فوري طور تي ڪڍي بيھوشي جي حالت ۾ رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري پھچايو جتي نينگر جو  علاج جاري آھي. اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر الاھي بخش ڏاھري موجب نينگر کي بيھوشي جي حالت ۾ اسپتال آندو ويو، نينگر جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي کيس فرسٽ ايڊ ڏني پئي وڃي، ھوش اچڻ بعد کيس نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي معلوم ٿيو آھي ته نينگر گھر وارن کان ناراض ٿي واھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي، سندس ڀاءَ کيس پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نينگر زوري واھ ۾ ٽپو ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو