104

پيپلزپارٽي چئني صوبن جي زنجير ۽ وفاق جي هڪ علامت آهي، اسان جي پارٽي عوام جي جدوجهد جو هڪ مضبوط ترين پليٽ فارم پڻ آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان پ پ ڪي پي ڪي جي عهديدارن مظهر جميل، علي زئي  ملاقات ڪئي،پيپلزپارٽي ۾ شموليت تي سندن آجيان ڪئي وئي، ملاقات دوران فيصل ڪريم ڪنڊي، حمايون خان، شازي خان، امجد آفريدي، هدايت الله، آخوند زاده چٽانگ ۽ امان الحق موجود هئا، ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي چئني صوبن جي زنجير ۽ وفاق جي هڪ علامت آهي، اسان جي پارٽي عوام جي جدوجهد جو هڪ مضبوط ترين پليٽ فارم پڻ آهي. ڪي پي ڪي ۾پيپلزپارٽي ايندڙ عام چونڊن دوران غير معمولي نتيجا ڏيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو