108

سنڌ حڪومت ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علي هائوس تي ملاقات لاءِ آيل پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ۽ هيومنٽيرين ڪو آرڊينيٽر جولين هارنيز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. يو اين سنڌ پراونشل هيڊ آفتاب ڀٽي، گڏيل قومن جي انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جي رڪن ايڊوائيزري بورڊ شاهجهان شاهه به ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي چيئرمين ايس ڊي جي ٽاسڪ فورس سنڌ ايم پي اي پير مجيب الحق، صحت جو پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي قاسم سراج سومرو، چيئرمين سنڌ لوڪل ڪائونسل سيد ڪميل حيدر شاهه ۽ ٻيا به موجود هئا. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته يو اين جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. سنڌ حڪومت عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ ٻهراڙي ۾ پائيدار ترقي لاءِ يو اين سان ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهشمند آهي، ته جيئن ٻهراڙي جي علائقن ۾ ترقي جي سفر جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سنڌ حڪومت جي ترجيح ۾ شامل آهي. گڏيل قومون پاڻي جي رٿائن تي فني تعاون ۽ رهنمائي ڪري، سنڌ حڪومت يو اين جي سمورين سفارشن تي ڀرپور اپاءُ وٺڻ لاءِ  تيار آهي. ان موقعي تي ريزيڊنٽ ۽ هيومنيٽرين ڪو آرڊينيٽر جولين هارنيز چيو ته هن گذريل ڏينهن عمر ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جو دورو ڪيو آهي، عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب ناهي، چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ حڪومت کي ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پي پي ايڇ آئي ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تحت بنيادي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهترين سهولتون فراهم ڪيون آهن. هاڻي پيئڻ  جي صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائي،هن چيو ته هو اڄ کان دادو ۽ لاڙڪاڻي جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي صحت واري پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو ٻڌايو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جو ٻهراڙي جي ترقي تي موقف بلڪل واضح آهي ٿرپارڪر ۾ 700 کان وڌيڪ آر او پلانٽس لڳايا ويا آهن، اڇڙي ٿر ۾ پاڻي جو ميگا پروجيڪٽ مڪمل ڪيو آهي ۽ کپرو کان  سرحدي علائقن تائين ڳوٺن کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمر ڪوٽ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي جي فراهمي جو جديد طريقيڪار اختيار ڪيو آهي ته جيئن پاڻي آلوده نه ٿئي، عمر ڪوٽ شهر ۾ پاڻي جي سپلائي ۾ به پلاسٽڪ پائپ استعمال ڪيا ويا آهن، پر شهر ۾ پاڻي جي ورڇ ۾ مسئلا آهن. ڇو ته پراڻيون پائپ لائنون لڳل آهن. هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي عوام جو بنيادي مطالبو آهي . 1 لک 30 هزار کان وڌيڪ ڳوٺ آهن، وسيلن جي کوٽ ڪري سنڌ حڪومت جي لاءِ وڏو چئلينج آهي پر سنڌ حڪومت عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ پر عزم آهي ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه  گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ۽ هيومنٽيرين ڪو آرڊينيٽر جولين هارنيز کي سکر ۽ صالح پٽ جي ريگستاني علائقن جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو