170

پيرونمل ۾ مينهن چورائڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي هٿياربندن هٿان گهر ڌڻي قتل

پيرونمل (ويب ڊيسڪ) پيرونمل ۾ مينهن چورائڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي گهر ڌڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق پيرونمل شهر جي اڪن آباد پاڙي ۾ چورن اتمون ڀيل جي گهر مان مينهن چورائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران گهر ڌڻي اتمون ڀيل سجاڳ ٿي هڪ چور کي پڪڙيو ته جوابدارن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي گهر ڌڻي اتمون ڀيل جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوليس مطابق واقعو چوري دوران مزاحمت تي پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو