114

پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه ضمانت لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏئي ڇڏي

سکر(ويب ڊيسڪ) نيب سکر پاران گرفتار ڪيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي عدالت ۾ پنهنجي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي ته 21 مهينن کان هو نيب جي حراست ۾ آهي. هن وقت تائين مٿس لڳل الزام به ثابت ناهن ٿي سگھيا، جنهن وقت تائين مٿس الزام ثابت نٿا ٿين ان وقت تائين قيد ۾ رکڻ غير قانوني آهي. درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته سيد خورشيد احمد شاهه کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي، جنهن بعد هاءِ ڪورٽ سکر خورشيد شاهه جي ضمانت کي ٻڌڻ لاءِ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن درخواست اماڻي ڇڏي آهي. جتي عدالت اهو فيصلو ڪندي ته درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي يا نه.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو