184

ڀريا روڊ ۾ فرانسيسي صدر خلاف شٽربند هڙتال، شهرين ۽ واپارين پاران احتجاجي مظاهرو

ڀرياسٽي (ن سوڀ) ڀرياروڊ  ۾ رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جا توهين آميز خاڪا ٺاهيندڙ فرانس توڙي يهودي ملڪن خلاف ڀرياروڊ جي سياسي، سماجي، مذهبي ڌرين ۽ دوڪاندارن پاران شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. امتياز علي آرائين،  مولوي شفيق احمد آرائين، مولوي اشرف علي آرائين، مولوي واجد علي آرائين، مولوي حفيظ الرحمان ڪيريو، مولوي نعمت الله بروهي،  مولوي غلام محمد ڪيريو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم اسان جو آخري نبي آهي،  فرانس طرفان توهين آميز خاڪا ٺاهڻ مسلمانن ملڪن کي للڪارڻ برابر آهي. هنن چيو ته اسان پنهنجي جانين جا نظرانا ته ڏئي سگهون ٿا پر رسول صه تي توهين هر گز برادشت نه ڪنداسين. هنن پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته فرانس جا سفارتخانا بند ڪري انهن سان مڪمل بائيڪاٽ ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو